لاهور: (م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ خواجه آصف عثمان ڊار جي والده جي الزامن تي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ خواجه آصف چيو ته معزز جج جي جمعي جي ڏينهن عدالتي ريمارڪس ميڊيا طرفان رپورٽ ڪيا ويا. انصاف جي گهرج آهي ته سيالڪوٽ واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏنو وڃي. (ن) ليگي اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون قانون موجب نه ٿيون آهن. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ڳالهائڻ نٿو چاهيان. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سان سيڊ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف ڪراچي مان چونڊ وڙهي رهيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، شهباز شريف جي سيٽ بابت ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ياد رهي ته عثمان ڊار جي والده ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ ليگي اڳواڻ خواجه آصف تي حراسان ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته 20 حملي آورن گهر جو مين دروازو ٽوڙيو ۽ منهنجي قميض کي به ڦاڙيو ويو. خواجه آصف هڪ دفعو ٻيهر منهنجي گهر تي حملو ڪرايو.