My WordPress Blog

ايبٽ آباد: شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه لڳي وئي، هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا سڙي فوت

0

ايبٽ آباد: (م ڊ) قلندر آباد جي علائقي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن. ايبٽ آباد ضلعي جي علائقي  قلندر آباد جي ڳوٺ ترتهيڙي واري هنڌ گهر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب خوفناڪ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهر جي ڇت پٽ پئجي وئي. ريسڪيو اختيارين موجب ملبي هيٺيان دٻيل هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. ذريعن موجب مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ جي تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهر ڪچو هجڻ سبب باهه تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. ريسڪيو اختيارين موجب ملبي هيٺيان دٻيل لاشن کي ڪڍيو ويو آهي. پوليس موجب باهه لڳڻ سبب ذاڪر عباسي جو پورو گهر سڙي خاڪ ٿي ويو. جڏهن ته خاندان جا ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. مقامي ڪائونسلر خاقان عباسي ٻڌايو ته گهر ۾ باهه لڳڻ سبب نگينه بيگم زال محمد ذاڪر ۽ سندس 4 ٻار ۽ 4 ٻارڙيون فوت ٿي ويون. فوت ٿيل خاندان جو سربراهه ذاڪر عباسي روزگار جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ترسيل آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.