My WordPress Blog

اسلام ڪوٽ  ٿرڪول ڪمپنين جي ناانصافين خلاف بلاڪن جي ماڻهن ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو

0

اسلام ڪوٽ(رپورٽ : ڪرشن سنگھ )ٿرڪول ڪمپنين جي  ناانصافين خلاف رهواسين جي ريلي،مارچ،پريس ڪلب آڏو ڌرڻو،نعريبازي، خبرموجب:ٿرڪول منصوبن تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ناانصافين خلاف بلاڪن جي ماڻهن ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو،اُنهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ڀيمراج ميگھواڙ ـ حاميد ڏوھٽ۔  ـانور لوڍو ـھريش ڀيل ـتنيراج ڀيل لڇمڻ ميگھواڙ ـ لاکو ڀيل ـملوڪ ميگھواڙ نرمل ڀيل ـحاجي مھراڻ پوٽو ديدار ڀيل  ـ حاجي ڪنڀر ـ عزيز ھا ليپوٽو ۽  ڪمپني مان نيڪالي ڏنل ملازم ايم بي  سومرو ۽ ڳوٺاڻن جي اڳواڻي ۾ رهواسين الدبئي هوٽل کان ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪيو،ريلي مختلف روٽن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي،جتي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي،ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ڀيمراج ميگھواڙ  ڳالهائيندي چيو ته ٿرڪول منصوبن تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن سان ظلم ۽ زيادتيون ڪري رهيو آهن،جن جي پيرن هيٺيان ڪوئلو نڪتو آهي اُنهن کي روزگار ڏيڻ بدران روزگار کسيو پيو وڃي،سمورن بلاڪن جا ماڻهو عذاب ۾ آهن،ڪو به ماڻهو پنهنجن حقن خاطر آواز اُٿاري ٿو ته ڪمپنيون اُنهي کي بلاڪ لسٽ ڪري ڪڍي ڇڏين ٿيون،ٿر واسين کي ليبر ـيا تڳاري کڻڻ  جي نوڪري به نه ٿي ڏني وڃي ،ڪوئلي جي منصوبن سبب ماحولياتي وڏو اشوز پيدا ٿي رهيو آهي،هنن چيو ته ڪمپنين وٽ ڪا به ليبر پاليسي ناهي،ڪم ڪندڙ پورهيتن کي پاروٿو کاڌو کارايو ٿو وڃي،جنهن سبب ڪيترن ئي نوجوانن جا گُڙدا فيل ٿي ويا آهن ۽ ڪافي نوجوان بيمار ٿيڻ بعد بستر ڀيڙا ٿي ويا  آهن،ڌڪڙڇو ڊيم جي متاثر ڳوٺ ميهاري جي نوجوان ديدار ڀيل چيو ته ڳوٺ گوارڻ، هاريمار، ڌڪڙڇي جي ماڻهن کي اڃا تائين زمينن جا پئسا ناهن ڏنا ويا، هن چيو ته پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سان اسان جي جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي ۽ مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن،ٿرڪول بلاڪ ون جي ڪمپني اچڻ کانپوءِ ڳوٺ تلوايو جي چوڌاريءَ تار لڳڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جو مال مويشي بک مري رهيو آهي،تار لڳڻ سان مال وچڙجي مري رهيو آهي،ڳوٺ سنهري درس کي ري سيٽل ڪرڻ باوجود مالڪاڻا حق ناهن مليا،اسين پاور پلانٽ جي دونهي هيٺ گدلي آبهوا ۾ پنھنجي  زندگيءَ گذاري رهيا آهيون،ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي کانپوءِ جر جو پاڻي ختم ٿي رهيو آهي،جنهن سان مال مويشي ۽ انسان سخت متاثر ٿي رھيا آھن ـڪمپنين جي هڪ هٽي ٿرين جي پيرن هيٺان زمين کسي رهي آهي،ٿر جا ماڻهو ڪمپنين جي عذاب هيٺ آهن،ٿرڪول بلاڪ 6 جو بـ ڪم جلد  شروع ٿي رهيو آهي، پر هاڻي اسين ماڻهن کي سڄاڳ ڪنداسين،ٿر جي ماڻهن سان ويساه گهاتي بند ٿيڻ گهرجي، ڪمپنين کي پنهنجي روش سڌارڻ گهرجي،ٿر جي ماحوليات کي بي تحاشا خطرا پيدا ٿي ويا آهن،کنوڻن جو ڪرڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي،کاڻين توڙي پاور پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ٿر جي مزدورن سان وڏي ويساه گهاتي آهي،ٿر جي ماڻهن جي لاءِ ڪا تحفظ توڙي ٿر جي مزدورن جي زندگيءَ جي ضرورتن جو معيار انتهائي گهٽ آهي، ليبر جا قانون، پاليسيون توڙي ڪا اهڙيون ناهن جنهن سان ٿر جي مزدورن جو استحصال بند ٿي سگهي،کاڻين توڙي پاور پلانٽ تي ڪم ڪندر مزدورن جي استحصال جي تاريخ ڊگهي آهي،هر هڪ مزدور جي حق ملڻ تائين جدوجهد جاري رهندي،گوڙاڻي ۾ ڪمپنيءَ جي پاڻيءَ ڇوڙ ڪرڻ سان زندگي جو سمورو ڪارونهوار متاثر ٿي ويو آهي،ٿر ڪول انتظاميا ڪوڙا واعدا ڪري ڦري وئي آهي،اسان جي جر جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي،جيڪا انسانن توڙي جانورن جي پيئڻ لائق ناهي،ٿر جي ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي،

Leave A Reply

Your email address will not be published.