My WordPress Blog

8 مئي واقعن ۾ روپوش اعظم سواتي نوازشريف جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي روپوش اڳواڻ سينيٽر اعظم خان سواتي ايندڙ سال 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽر اعظم خان سواتي جي هڪ وڊيو پاڪستان تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا پيج تي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اعظم سواتي مانسهره مان قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ نوازشريف جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جي خواهش جو اظهار ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم تي ڪرپشن ۽ ملڪي دولت لٽي پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهڻ جا سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته نوازشريف اين اي 15 مانسهره مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. اعظم سواتي چيو ته جيڪڏهن منهنجي پارٽي مون کي ٽڪيٽ ڏنو ته مان نوازشريف جو مقابلو ڪندس مون کي يقين آهي ته مانسهره  جي عوام، مائرون، ڀينرون ۽ ڀائر مون کي تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تان کٽرائي پنهنجو چٽو پيغام ڏيندا. ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر اعواڻ مانسهره مان نوازشريف جا نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا هئا ۽ ان جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته انشاءَالله مانسهره مان قومي اسيمبلي جون چونڊون کٽي چوٿون ڀيرو نوازشريف ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪندو. ٻئي طرف 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ ۽ عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ تي سينيٽر اعظم سواتي، مراد سعيد ۽ حماد اظهر سميت 18 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.