My WordPress Blog

ميروخان جي يوسي ﷲ آباد ۾ پيپلزپارٽي صدر جي صدارت ۾ گڏجاڻي، 27 ڊسمبر شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڀرپور شرڪت

0

ميروخان (رپورٽر) ميروخان جي يوسي ﷲ آباد ۾ پيپلزپارٽي جي يوسي صدر جي صدارت ۾ گڏجاڻي، 27 ڊسمبر شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو اعلان. تفصيل موجب : ميروخان تعلقي جي يونين ڪائونسل ﷲ آباد ۾ پيپلزپارٽي جي يوسي صدر ۽ يوسي چيئرمين نذاڪت اقبال چانڊيو جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ يوسي الله آباد جي ڊسٽرڪٽ ڪوئونسل جي ميمبر مير آصف خان کوسو، جنرل سيڪريٽري، غلام مرتصٔي مگسي انفارميشن سيڪريٽري  شيرخان چانڊيو ، ڪوئونسلر رئيس واجد خان مگسي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري لياقت  بروھي، خير محمد مگسي، مدد علي کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ حڪمت عملي جوڙي فيصلو ڪيو ويو ته 27 ڊسمبر شهيد بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.