لاڙڪاڻي يونين جي سڏ تي ميونسپل ڪارپوريشن مان جبري بدلي ڪيل ملازمن پاران ڇهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي ۾ محنت ڪش ليبر يونين جي سڏ تي ميونسپل ڪارپوريشن مان جبري بدلي ڪيل ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالھ ڇهين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جي اڳواڻن بخت علي سولنگي وفد سميت شرڪت ڪئي جتي ملازمن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن طيفور منور سانڊاڻو، رسول بخش شاهاڻي، شام لال ڪرارا، ، قلندر بخش شاهاڻي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي مان اسسٽنٽ ۽ ڪلارڪن سان گڏ لوئر اسٽاف جن ۾ سينٽري ورڪرز ۽ مالهي به شامل آهن انهن جي ڪري شهر سخت متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي بدلين واري معاملي کان پوءِ اڄ اسان جو ساٿي جونيئر ڪلارڪ بخش علي کوسو دل جي دوري سبب اين آءِ سي وي ڊي اسپتال لاڙڪاڻو ۾ وفات ڪري ويو آهي ۽ هڪ ٻيو ملازم گلبهار اوڏ اسپتال داخل آهي اسين سمورن مسئلن جو ذميوار ميونسپل انتظاميه کي سمجھون ٿا ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ٿا ڪريون ته فوري نوٽيس وٺي ملازمن کي واپس ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي ۾ جوائننگ ڏئي سندن جو بند پيل پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ فوت ٿيل ملازم توڙي اسپتال داخل ملازم جي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.