لاڙڪاڻو پورهيت پيءُ گل محمد پٽ علي گوهر قمبراڻي غربت کان تنگ اچي گهر اندر ڇت ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ عبدالله لاشاري پاسي 48 سالا 5 ٻارن جو پورهيت پيءُ گل محمد پٽ علي گوهر قمبراڻي غربت کان تنگ اچي گهر اندر ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي خودڪشي ڪندڙ پورهيت جي ڀاءُ لياقت قمبراڻي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ غربت سبب پريشان رهندو هو جنهن ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال آندو آهي. هوڏانهن رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس خودڪشي ڪندڙ پورهيت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.