My WordPress Blog

لاڙڪاڻو جي ڊي اي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي هڪ قومي اسيمبلي ۽ 2 صوبائي تڪن تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي هڪ قومي اسيمبلي ۽ 2 صوبائي تڪن تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا. ڊاڪٽر صفدر صفدر علي عباسي سان گڏ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي ۽ رافع علي عباسي به 2 صوبائي تڪن تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن. ڊاڪٽر صفدر علي عباسي اين اي 195 لاڙڪاڻو، باقراڻي ۽ ڏوڪري سميت صوبائي تڪ پي ايس 11 لاڙڪاڻو شهر ۽ پي ايس 12 لاڙڪاڻو باقراڻي واري تڪ تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا. جڏهن ته جي ڊي اي اڳواڻ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي ۽ رافع علي علي عباسي به پي ايس 11 ۽ پي ايس 12 لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته عوام جي حالت بدتر ڪندڙن وارن جي احتساب جا ڏينهن اچي چڪا آهن، وقت اچي چڪو آهي ته عوام زرداري ليگ مان نجات حاصل ڪري جي ڊي اي ۽ اتحادين جي سپورٽ ڪن. هن چيو ته پ پ پ سنڌ جي صرف ڪجهه ضلعن تائين محدود ٿي چڪي آهي وفاق ۽ حڪومت ٺاهڻ واري دعويٰ ڪوڙي آهي، صحت، تعليم، روڊ رستن سميت ٻين شعبن ۾ سنڌ جي حالت بهتر نظر نه پئي اچي. هن چيو ته زرداري ليگ کي خبر آهي ته سندن ڪرپشن ۽ ڌوڪيبازي جي ڪري پوري سنڌ ۾ ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي، سنڌ ۽ جي ڊي اي ۽ اتحادين جي حڪومت ٺهڻ سان پورو ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ بلوچ عورتن مٿان تشدد قابل مذمت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي ۽ ڳالهيون ئي مسئلي جو حل آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.