My WordPress Blog

قلندر جي درگاهه مان اڍائي ڪروڙن جو سون ۽ چاندي چوري ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل

0

سيوڻ  (رپوٽر)قلندر لال شهباز جي درگاهه مان اڍائي ڪروڙ روپين جو سون ۽ چاندي چوري ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي سيوهڻ ٿاڻي تي اوقاف کاتي جي مئنيجر ۽ هڪ ملازم خلاف درگاهه جي مال خاني مان چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو لاڙڪاڻي ۽ سکر اوقاف کاتي جي ايڊمنسٽريٽر ارشاد علي سمون جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ مئنيجر محمد زبير بلوچ ۽ خانگي شخص علي رضا گوپانگ سميت ٻيا جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته درگاهه جي نذراني وارين پيتين 57 تولا ۽ 7 آنا سون چوري ڪيو ويو، پيتين مان نذراني جي 3 هزار 131 تولا چاندي به چوري ڪئي وئي  ايف آءِ آر موجب جوابدار مئنيجر پڇاڳاڇا دوران ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي، مئنيجر اوقاف کي معطل ڪندي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدارن جي گرفتاري اڃا عمل ۾ نه اچي سگهي آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.