My WordPress Blog

غريب عوام کي يوٽيلٽي اسٽورز تي به رليف نه ملي سگهيو: اٽو، کنڊ، گيهه، آئل، چانور مهانگا ٿي ويا

0

اسلام آباد: (م ڊ) غريب عوام کي يوٽيلٽي اسٽورز تي به رليف نه ملي سگهيو اوپن مارڪيٽ جي مقابلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽو، کنڊ، گيهه، آئل، چانور مهانگا ٿي ويا. غريب ماڻهن لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز تي به خريداري ڪرڻ مشڪل ٿي ويو. يوٽيلٽي اسٽورز تي 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1420، کنڊ 155 روپيه ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا. يوٽيلٽي اسٽورز تي چانورن جي قيمتن ۾ 325 کان 420 روپيه ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ۽ مارڪيٽ ۾ پهرين نمبر جي گيهه، آئل جي قيمت ۾ صرف 2 روپين جو فرق آهي. پهرين نمبر جو سويابين تيل مارڪيٽ جي مقابلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي مهانگو وڪرو ٿيڻ لڳو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.