My WordPress Blog

عدالتن جو احترام پر پي ٽي آءِ جو باني معصوم ناهي: شرجيل ميمڻ

0

ڪراچي)اسٽاف رپوٽر) پيپلز پارٽي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عدالتن جو احترام آهي پر پي ٽي آءِ جو باني معصوم ۽ پي ٽي آءِ ملڪ جي وڏي جماعت نه آهي، ٻڌايو وڃي ته پي ٽي آءِ جو باني وڏو ليڊر ڪيئن ٿيو؟ شرجيل ميمڻ سوال اٿاريو ته ڇا وڏي ليڊر جي نشاني ملڪي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ ۽ ملڪي ترقيءَ کي روڪڻ آهي؟ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ وڏي جماعت رڳو پيپلزپارٽي آهي، جنهن شخص 2018 ۾ عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو اهو وڏو ليڊر ڪيئن ٿيو؟ هن چيو ته اقتدار جي هوس ۾ قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ بند ڪئي وڃي، سائيفر ليڪ ٿيڻ سبب ملڪ کي نقصان پهتو، ملڪي ترقيءَ جو ڦيٿو به بيهجي ويو، سائيفر ڊرامي سان ملڪي سلامتي تي سمجهوتو ڪيو ويو

Leave A Reply

Your email address will not be published.