حيدرآباد: (رپوٽر) حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سکر ۾ قتل ٿيل سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلست ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان حيدرآباد پريس ڪلب جي ٻاهران حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ طرفان بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ حافين جي وڏي انگ سميت وڪيلن، عورتن، قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن، فوٽو گرافرن ۽ ڪيمرا مين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بک هڙتالي ڪيمپ کي خطاب ڪندي سينئر صحافي ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻ خالد کوکر، اقبال ملاح، جي پرڪاش ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته چار مهينا گذرڻ جي باوجود اڃان تائين شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن پوليس چاهي ته 24 ڪلاڪن ۾ قاتلن کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو. احتجاجي ڪيمپ ۾ فريد لاکو، اشوڪ شرما، نياز وگهيو، وسيم خان، فاضل چنا، ارشاد چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.