My WordPress Blog

سنڌ هاءِ ڪورٽ غيرقانوني تعمير ٿيندڙ عمارتن کي گيس، بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0

ڪراچي: (اسٽاف رپوٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي تعمير ٿيندڙ عمارتن کي گيس، بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن نه ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غيرقانوني تعمير ٿيل عمارتن کي بجلي، پاڻي ۽ گيس جا ڪنيڪشن ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪٿي آهن ڪي اليڪٽرڪ، سوئي گيس ۽ واٽر ڪارپوريشن جا سي اي اوز؟ جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته مونس علوي گذريل ڏينهن عمرو ادا ڪرڻ لاءِ  سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. گهرن جي تعمير وقت عارضي ڪنيڪشن ڏنو ويندو آهي جيڪو هڪ سال تائين رهندو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل وڌيڪ چيو ته اسان ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ويندا آهيون ته لياري جهڙن علائقن ۾ اسان مٿان حملا ڪيا وڃن ٿا هاڻ ڪنهن به عمارت کي بلڊنگ پلان جي منظوري کان سواءِ ڪنيڪشن نه ڏنو ويندو.  ٻڌڻي دوران سي اي او واٽر ڪارپوريشن صلاح الدين احمد عدالت کان معافي گهرندي چيو ته آئنده ائين نه ٿيندو ڪنهن به غيرقانوني عمارت کي ڪنيڪشن نه ڏنو ويندو. عدالت ۾ ايس بي سي اي جي وڪيل  پنهنجي موقف ۾ چيو ته آگره تاج ڪالوني ۾ 9 ماڙ غيرقانوني عمارت تعمير ڪندڙ بلڊر جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جسٽس نديم اختر سوئي گيس واٽر ڪارپوريشن جي سي اي اوز جو لکت ۾ بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آئنده ڪنهن به عمارت کي منظور ٿيل بلڊنگ پلان کان سواءِ ڪنيڪشن نه ڏنو ويندو. عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي آگره تاج ڪالوني ۾ غيرقانوني طور تي تعمير ڪيل 9 ماڙ عمارت 6 هفتن ۾ ڪيرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي فيبروري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالتي حڪم تي مڪمل ۽ فوري طور تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.