ڪراچي (اسٽاف رپوٽر)سنڌ ۾ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي گهراڻي مان هڪ وڌيڪ فرد جي پارلياماني سياست ۾ انٽري ڏني آهي سيد جلال محمود شاهه ۽ زين شاهه کانپوءِ زين شاهه جي نياڻي پرهه ايمن شاهه به پارلياماني سياست ۾ اچي وئي پرهه ايمن شاهه عورتن لاءِ مخصوص ايم پي اي جي سيٽ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا ذريعن موجب پرهه ايمن شاهه جو نالو جي ڊي اي جي عورتن جي مخصوص سيٽن واري ترجيحي لسٽ ۾ شامل آهي