دوداپور 🙁 رپورٽ: قلندر بخش ڪٽوهر )دوداپور ڀرسان ٻٻر ۽ ٿهيم برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاء ڌرين وٽ معززينن جو پاڪ ڪتاب ساڻ ڪري ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ ڇٽل آباد ۾ ٻٻر برادري وٽ پهتو سردار اڪبر خان بليدي، سيد شمن شاھ، سيد ٻڍل شاھ،جان محمد لهر، رئيس گلشن دايو ۽ ٻين معززنن جي اڳواڻي ميڙ منٿ قافلو ٻٻر برادري جي رئيس وزير علي ٻٻر وٽ پهتو ٻٻر برداري جي رئيس وزير علي ٻٻر پاران ميڙ ۾ آيل معززن کان مطالبو ڪيو ته ٿهيم برادري اسان جي ڇهن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ گهربل سمورا جوابدار پوليس حوالي ڪري ان بعد ٺاھ ڪيو ويندو اسان سان ظلم ٿيل آهي جيستائين سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيندا ٺاھ نه ڪنداسين هڪ سال اڳ ڳوٺ ڇٽل آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻٻر ۽ ٿهيم برادري ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ ٻٻر برادري جي ڇهن ڄڻن سميت 7 ڄڻا قتل ٿيا هئا جنهن ۾ دستي برداري جو هڪ ڄڻو واٽهڙو به شامل هو خوني تڪرار سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻيل آهي جڏهن ته اسڪولون پڻ ويران بڻيل آهن .