لاهور (م ڊ )تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان کسجي ويو، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رُڪني ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران انٽرا پارٽي چونڊون آئين پٽاندڙ نه ڪرايون ويون تحريڪ انصاف چونڊ نشان بيٽ جي اهل نه آهي، پي ٽي آءِ تي اعتراض هو ته ان آئين تحت نه پر ڳجهي نموني انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون، ڪنهن به ميمبر کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه ڏني وئي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد بئريسٽر گوهر به پي ٽي آءِ جو چيئرمين نه رهيو، بئريسٽر گوهر پاران اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي فيصلو پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس وٺڻ جي سازش قرار ڏنو ويو آهي، بئريسٽر گوهر خان چيو ته پارٽي جي آئين ۽ قانون تحت چونڊون ڪرايون، ٻڌايو وڃي ته آئين جي ڪهڙي شق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ٻين پارٽين کي ڇڏي رڳو اسان جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڏٺو ويو، فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، عام چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ وٽ پلان بي به موجود آهي