باقراڻي ( رپورٽر) باقراڻي ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وارو سلسلو جاري ، باقراڻي جي پي ايس 12 تي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ، ڪاظم علي عباسي ، رافع علي عباسي ، پ پ جي ظفر انور سيال ، خير محمد شيخ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا . رپورٽ موجب : 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان باقراڻي ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وارو سلسلو جاري آهي ، ان سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ ظفر انور سيال ، خير محمد شيخ ، جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ، ڪاظم علي عباسي ، رافع علي عباسي اي سي آفيس باقراڻي پهچي آر او باقراڻي محمد عثمان خاصخيلي وٽ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر موجب 8 فيبروري تي اليڪشن ٿي رهي آهي مگر ڪافي خدشات موجود آهن ، جن ۾ آر اوز ، ڊي آر اوز ، تڪن اندر ڪٽنگ خصوصن گذريل چونڊن ۾ جي ڊي اي جي کٽندڙ اميدوارن جي تڪن ۾ ڪٽ سٽ ڪئي وئي آهي ، جن ۾ پي ايس 12 ۽ پي ايس 11 شامل آهن ، سياسي پارٽين کي تحفظات هئڻ باوجود صرف آفيسرن جي ضلعن اندر ردو بدل ڪئي وئي آهي ، اڳوڻي حڪومت جي ماڻهن کي اڃان تائين سرڪاري پروٽوڪول مليل آهي جنهن سان عوام ۾ اهو ميسيج وڃي ٿو ته اڃان تائين انهن جي حڪومت هلي رهي آهي جيڪو غلط عمل آهي ، سنڌ اندر به ليول پئلنگ فيلڊ سمورن سياسي پارٽين لاءِ هجڻ گهرجي ، ڊاڪٽر صفدر عباسي وڌيڪ چيو ته ڪافي تحفظات هجڻ باوجود سياسي عمل کان پري ناهيون اليڪشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين ، جي ڊي اي 2018 واري اليڪشن ۾ به مضبوط هئي ۽ هاڻي به مضبوط آهي ، سنڌ ۾ هڪ الائنس ٺهڻ وڃي پيو جيڪا هڪ مضبوط پ پ مخالف اتحاد هوندو ، اسان اليڪشن ڪميشن کان توقع رکنداسين ته اسان جي تحفظات تي عمل ڪرائي چونڊون فري اينڊ فئير هئڻ گهرجي ، انشاءَالله ڀرپور انداز ۾ مقابلي ۾ لهنداسين ۽ عوامي طاقت ذريعي سنڌ ۾ جي ڊي اي جا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا ۽ مخالفن کي شڪست نصيب ٿيندي ، ان موقعي تي ق ليگ اڳواڻ بابو غلام سرور سيال ، ارسلان ٻرڙو ، گل محمد عباسي ، عمران عباسي ، قربان کوکر ، ميهر سولنگي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا .