My WordPress Blog

ڳڙھي خيرو:شاگردن طرفان ڊگري ڪاليج عمارت جو  ڪم مڪمل ڪرائڻ، اسٽاف جي کوٽ ۽ يونيورسٽيءَ سان ايفيليشن لاء احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

0

ڳڙھي خيرو:(رپورٽ ماجد گل ابڙو) ڳڙھي خيرو:شاگرد اتحاد طرفان وائيس چيئرمين محمد حنيف رئيساڻي جي اڳواڻيء ۾ ڊگري ڪاليج ڳڙھي خيرو جي عمارت جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرائڻ، اسٽاف جي کوٽ ۽ يونيورسٽيءَ سان ايفيليشن لاء احتجاجي ريلي ڪڍي وئي! وائيس چيئرمين محمد حنيف رئيساڻي ۽ جنرل سيڪريٽري آصف علي سومرو، فائونڊر ميمبر سجاد علي ٻٻر، انفارميشن سيڪريٽري محمد عيسي لغاري، خزانچي سيڪريٽري حسن اعجاز بروهي ، سينيئر ميمبر واجد علي مينگل،اظھر علي پلال،حبيب الرحمن ڀٽو ۽ استادن، شاگردن ۽ شهر جي مختلف  سياسي سماجي مذهبي تنظيمن سميت شاگردن شرڪت ڪئي. پنج گلي چوڪ کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي سنڌ بلوچستان بارڊر بيگاري پل تي پهتي، احتجاجي ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ڳڙهي خيرو تعلقو جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر تي آهي ان کي سنڌ حڪومت بلڪل نظرانداز ڪري رهي آهي هتان جا شاگرد ڊگري ڪاليج نه ھجڻ ڪري ٻين شھرن ۾  رولڙي جو شڪار آھن اڳواڻن خصوصي مطالبو ڪيو تہ ٻن سالن جي تعويل عرصي بعد ڊگري ڪاليج ڳڙھي خيرو مڪمل تيار ناھي ٿي سگھيو تنھنڪري اسان سنڌ حڪومت ۽ ڊائريڪٽر ڪاليج کان مطالبو ڪريون ٿا ته جلد کان جلد ڊگري ڪاليج ڳڙھي خيرو کي مڪمل طور تي  فعال ڪري شاگردن جي بي چيني ختم ڪئي وڃي، نه تہ ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .

Leave A Reply

Your email address will not be published.