My WordPress Blog

ڪرونڊي ڀرسان سيف جي سھڪار سان ھلندڙ اسڪول ۾ ايڪتا ڏينهن جو شاندار ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي

0

ڪرونڊي (رپورٽ بابر علي چنا)ڪرونڊي ڀرسان سيف جي سھڪار سان ھلندڙ اسڪول ۾ ايڪتا ڏينهن جو شاندار ثقافتي تقريب ,شاگرد ۽ شاگرياڻين ثقافتي لباس پائي شريڪ , زندھ قومون ئي پنهنجي ثقافتي کي ملھائنديون آهن.اسان پنهنجي ثقافت کي برقرار رکيو آهي اسان کي پنهنجي ثقافت تي فخر آھي هر سال وانگر هن سال به ثقافتي پروگرام ملهائڻ جو مقصد  اهو آھي ته اسانجي ثقافت زندھ رهي .شاگرد رپورٽ موجب :ڪرونڊي ڀرسان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (سيف)جي سھڪار سان ھلندڙ امداد الميٽري اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب ۾ شاگردن سنڌ جي راند ملھ سميت مختلف ٽيبلوز ۽ خاڪا تقريرون پيش ڪرڻ سان   گڏ قومي گيتن تي رقص ڪري خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي اسڪول جي آپريٽر نعمت چانگ ۽ ٻين شاگردن ميڊيا سان ڳالھندي ٻڌايو ته ثقافتي ڏھاڙو ڀرپورنموني سان ملھائيندي پوري دنيا تائين امن محبت پيارجوپيغام پھچائيندي سڄي دنيا سان گڏسڄي سنڌسميت سڄي پاڪستان جي ھرماڻھو تائين اھو نياپوپھچائي رھيا آھيون ته اسان سنڌوارا سنڌي ماڻھو مھمان نواز پيارامن محبت ڏيڻ وارو آھيون اسان جي سنڌھزارين سالن جي تاريخ رکڻ واريء ڌرتيء آھي عظيم ثقافت جا اسين وارث آهيون پنهنجي ثقافت کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون اسان کي پنهنجي ثقافت سان پيار آهي سنڌي ٽوپي اسان سنڌين جي شان ۽ مان آهي. آخر ۾ مهمانن کي اجرڪ جا تعفا پڻ ڏنا ويا ۽ ٽيبلوز پيش ڪندڙ شاگرد ۽ شاگرياڻين ۾ انعام پڻ ورهايا ويا ۽ پوزيشن هولڊرز شاگردن ۽ شاگرياڻين کي انعام پڻ ڏنا ويا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.