My WordPress Blog

نصيرآباد ۾ پ پ اميدوار برھان خان چانڊيو صوبائي تڪ پي ايس 17 لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

0

نصيرآباد(رپوٽر)نصيرآباد ۾ پ پ جي اميدوار نوابزادہ برھان خان چانڊيو صوبائي تڪ پي ايس 17 لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. قمبر کان سوين ورڪرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏ نوابزادہ برھان خان چانڊيو نصيرآباد پهچي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا.پ پ جي جيالن پاران جيئي ڀٽو جي نعرن ۽گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي وئي.ان  موقعي تي نوابزاده برهان خان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اڳ ۾ به پ پ جي ٽڪيٽ تان کٽي پنهنجي  تڪ پي ايس 17 جي عوام جي خدمت ڪئي هئي.اسان جي خاندان پنهنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ اقتدار جي لالچ نه رکي آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو هتان جو عوام اسان کي دل سان پسند ڪري ٿو. هن چيو ته هن ڀيري به پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي پي ايس 17 جي تڪ تي سوڀ حاصل ڪري بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ عوام جي خدمت ڪبي. نوابزادہ برھان خان چانڊيو جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ جو عوام ڄاڻي ٿو ته ڏکين حالتن ۾ ڪهڙو ليڊر ۽ ڪهڙي پارٽي رهي آهي، جنهن جيل ۽ سختيون برداشت ڪيون پر عوام کي ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن فرار ٿي نه ويا. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي ورڪرن نوابزادہ برھان خان چانڊيو کي گلن جا هار پارايا ۽ نعريبازي ڪئي. جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي نصيرآباد جي اڳواڻن رئيس محمد ابراھيم چانڊيو ،بخش علي چانڊيو ،حاجي وزير علي ڦلپوٽو ،رئيس عبدالحڪيم چانڊيو ،ڊاڪٽر رميش لعل ،حاجي محمد رفيق شيخ ،سردار ضمير حسين مسڻ ،آصف مسڻ ۽ ٻيا گڏ هئا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.