My WordPress Blog

ميرپور ماٿيلو  نوجوانن جي ذهني ۽ جسماني نشونما لاءِ راندين جا مقابلا تعليمي سرگرميون جيان اهميت رکن ٿيون: آغا شير زمان

0

ميرپور ماٿيلو ( رپورٽر) ميرپور ماٿيلو؛ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان چيو آهي ته نوجوانن جي ذهني ۽ جسماني نشونما لاءِ راندين جا مقابلا ائين ئي اهم آهن جيئن تعليمي سرگرميون اهميت رکن ٿيون. نوجوانن کي راندين جو موقعو فراهم ڪرڻ هڪ بهتر قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج ميرپور ماٿيلو ۾ آل پرائيويٽ اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايس ايس پي انور کيتران، چيئرمين سونا ويلفيئر سوسائٽي برگيڊيئر رٽائرڊ محمد سليم چيما، ايڊمنسٽريٽر ڪرنل شڪيل چٺا سميت نجي اسڪولن جي پرنسيپلز، استادن توڙي وڏي تعداد ۾ شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته ضلعي انتظاميه پاران راندين جا مقابلا ڪرائڻ جي حوالي سان پلان تيار ڪيو پيو وڃي جنهن تحت جنوري ۾ ڪجهه مقابلا ڪرايا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايس پي انور کيتران چيو ته تعليمي سرگرمين سميت راندين جون سرگرميون به جاري رهڻ گهرجن جنهن سان نوجوان وڌيڪ سرگرم ۽ صحتمند رهن ٿا. برگيڊيئر محمد سليم چيما ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ سمورن اسڪولن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته تعليم ۽ راندين جا مقابلا لازم ۽ ملزوم آهن، راندين جي مقابلن سان شاگردن ۾ جيت جي جستجو پيدا ٿئي ٿي جنهنڪري هو مستقبل سنوارڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا. ياد رهي ته سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج ۾ هڪ هفتي کان جاري ٽورنامينٽ ۾ ميرپور ماٿيلو تعلقي جي 16 نجي اسڪولن جي ٽيمن حصو ورتو جڏهن ته سونا پبلڪ اسڪول جي ٽيم فائنل کٽيو. اختتامي تقريب دوران فائنل کٽيندڙ ٽيم سميت سٺي ڪاڪردگي ڏيکاريند راندينگرن ۾ ٽرافيون ورهايون ويون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.