ھالا۾ سروري جماعت ۾ خوشين جي لھر صوبائي وزير رونيو مخدوم محبوب الزمان جي شادي جي دعوت ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاھ شرڪت ڪئي
ھالا(رپورٽ خادم ابڙو)وڏي عرصي کان پوء سروري جماعت ۾ خوشين جي لھر واپس اچي وئي آھي،سروري جماعت جي ولي احد ۽ اڳوڻي صوبائي وزير رونيو مخدوم محبوب الزمان جي شادي جي دعوت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ شرڪت ڪئي آھي،مخدوم محبوب الزمان جي شادي جي دعوت ۾ ضلعي مٽياري سميت سنڌ جي مختلف شھرن مان وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي آھي،پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھيلي ڪاپٽر زريعي ھالا ڀرسان ڀٽ شاھ ايئرپورٽ تي پھتو جتي سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف سندس استقبال ڪري پنڊال ۾ وٺي آيا، پي پي چيئرمين جو شادي ڪاڄ ۾ پھچڻ تي ماڻھن وزيراعظم بلاول جا نعرا پڻ ھنيا، ان موقعي تي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مختصر خطاب ڪندي چيو تہ ھالا جي مخدومن سان اسان جا نسلن کان وستا آھن، شھيد ذوالفقار ڀٽو ۽ مخدوم طالب المويٰ کان وٺي ھن محل تائين مخدوم خاندان ۽ ڀٽو خاندان گڏ آھن، ۽ مون پنھنجي ڀاء جي شادي ۾ شرڪت ڪئي آھي، ۽ مونکي تمام گھڻي خوشي ٿئي آھي، بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ مخدوم محبوب الزمان ۽ سندس والد مخدوم جميل الزمان کي شادي جون مبارڪون ڏيان ٿو، ان موقعي تي گھوٽ راجا مخدوم محبوب الزمان خطاب ڪندي چيو تہ مونکي خبر پئي تہ منھنجي والد مخدوم جميل الزمان جي شادي ۾ بيگم نصرت ڀٽو صاحبا شرڪت ڪئي ھئي ۽ اڄ منھنجي شادي ۾ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي آھي، آئون سندس دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مخدوم سعيدالزمان عاطف، ضلعي چيئرمين مخدوم احمد الزمان،اڳوڻو ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان، ھالا ميونسپل ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين مخدوم عمار حيدر، ۽ ٻيا موجود ھئا، ڪجھ دير بعد بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ حيدرآباد روانا ٿي ويا،