My WordPress Blog

نصيرآباد ۾ بدامني گهٽجي نه سگهي . چوري ۽ ڦر جون ٻه الڳ الڳ وارداتون .ڏينهن ڏٺي جو شهر مان

0

نصيرآباد(عبدالقادر منگي )۾ بدامني گهٽجي نه سگهي . چوري ۽ ڦر جون ٻه الڳ الڳ وارداتون .ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر مان موبلنڪ بينڪ جي ملازم کان  ٽي نامعلوم هٿياربندن موٽر سائيڪل،موبائيل فون ۽روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.سينما چونڪ تي ٽرانسفارمرن جي مستري جي دڪان ۾ پيل ٽرانسفارمر مان ٽي ڪوائل ڪڍي ويا.فوري طور ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ۽ چوري واپس نه ڪرائي وئي ته شھري اتحاد نصيرآباد پاران سخت احتجاج ڪيو ويندو.معشوق ڦلپوٽو.تفصيل موجب: نصيرآباد مان ڦر ۽ چوري جون ٻه الڳ الڳ وارداتون نصيرآباد ريشم گلي مان 3 نامعلوم هٿياربندن، موبلينگ بينڪ جي ڪسٽمر سروس آفيسرصابر حسين کوسو کان هٿيارن جي زور تي 125 موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.ڦر واقعي خلاف شھري اتحاد نصيرآباد جو صدر معشوق علي ڦلپوٽو، عاشق علي ڪلهوڙو، اشفاق احمد مسڻ، ڪامريڊ دلدار ايري ٿاڻي تي پھتا متاثر ڌر سان ملاقات اين سي داخل. جيڪڏهن ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ٿي ته شھري اتحاد نصيرآباد پاران سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي واردات ۾ سينما چونڪ تي ٽرانسفارمر جي مستري جي دڪان مان نامعلوم چور ٽرانسفارمر مان 3 ڪوائل ڪڍي ويا. هوڏانهن متاثر صابر حسین حسين کوسي چيو تہ مان پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڊيوٽي تي وڃي رهيو هيس ته ريشم گلي مان 3 نامعلوم هٿياربند جيڪي سي ڊي موٽر سائيڪل تي سوار هئا ،جن هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ،موبائيل فون ۽روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦر واقعي جي پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ اين سي داخل ڪرائي آهي. متاثر ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ،موبائيل فون واپس ڪرايون وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.