لاڙڪاڻي ۾ سياري جون موڪلون ٻڌائڻ جي آخري ڏينهن تي شهر جي اسڪولن ۾ سنڌ جي ايڪتا جا ڏهاڙا خوشين سان ملهايا ويا
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي شهر ۾ شاگردن کي سياري جون موڪلون ٻڌائڻ جي آخري ڏينهن تي شهر جي اڪثر گورنمينٽ پرائمري اسڪولن ۾ سنڌ جي ايڪتا جا ڏهاڙا خوب خوشين سان ملهايا ويا ، معصوم گلڙن ٻارڙن جي چهرن تي مرڪون ڇانيل رهيون ، شاگرد سنڌي ٽوپي اجرڪ جڏهن ته شاگردياڻيون سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي لباس اوڍي پهتا ، شاگردن ۽ شاگردياڻين نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ بهترين ٽيبلوز پيش ڪيا ، سنڌ جا گيت ڳايا ويا ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا ، هر طرف ٻارڙن جي چهرن تي مسڪرائٽون رهيون ، انهيءَ سلسلي ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪوثر مل ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول امام الدين شاهه خوبصورت ۽ ماڊل گرينري جي حوالي سان مشهور ، گورنمينٽ پرائمري بوائز حيدري محلہ اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙي محلا سميت ٻين گورنمينٽ پرائمري اسڪولن ۾ سنڌ جي ايڪتا جو ڏينهن وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو ، انهيءَ موقعي تي پ ٽ الف تعلقي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي صدر غلام الله سانگي ، افتخار علي سانڊاڻو ، خادم علي ابڙو ، الله بخش چانڊيو ، ظفر علي شاهه ، صابر علي چانڊيو ، مظهر علي عباسي سميت ٻين سنڌ جي ايڪتا عيد جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀني کي پنهنجي وطن ديس ملڪ پاڪستان سنڌ سان محبت ڪرڻ لاء وڌ کان وڌ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم ڏانهن توجهه ڏين جيئن ملڪ ترقي جي راهه تي وڌيڪ گامزن ٿي سگهي، پنهنجي ڌرتيءَ وطن سان محبت ايمان جو حصو آهي . سنڌ دنيا م اجو خڀو آهي جنهن جي ثقافت تهذيب تمدن ريتون رسمون ملڪان ملڪ مشهور آهن ، دنيا پنهنجي تاريخي ورثي پنج هزار سال پراڻي موئن جو دڙو کان سنڌي سماج سڌريل مهذب پڻي جا آثار نمايان طور تي ملن ٿا . سنڌ جي ٽوپي اجرڪ جي ڇا ڳالهه ڪجي ، ڪٿي به هجو پر سنڌي سهڻا ماڻهو تهذيب ثقافت جي ڪري لکن ۾ پڌرا آهن ، سنڌي هڪ پرامن قوم آهي . سنڌ کي پنهنجي قلندر ، ڀٽائي ، سچل ، صوفي شاهه عنايت شهيد ، مخدوم بلاول ، هوشو شيدي ، هيمون ڪالاڻي، دولهه دريا خان ، سورهيه بادشاهه ، بزرگن اوليائن درويشن تي ناز آهي ، انهيءَ موقعي تي سياري جي موڪلن ٻڌائڻ جي موقعي تي لاڙڪاڻي جي اڪثر گورنمينٽ پرائمري اسڪولن ۾ سنڌ جي قومي عيد ايڪتا ملهائي خوب انجوائي ڪئي ۽ سياري جي موڪلن بعد نئين سال 2024 تي پهرين جنوري تي تعليمي ادارن اسڪولن ۾ هوم ورڪ پورو ڪري واپس اچڻ تي خوشيءَ ۾ نعرا هنيا ويا . آخر ۾ عليشا، مسڪان ، جيجل بلوچ کي بهترين ڪارڪردگي تي مڃتا ايوارڊ شيلڊون ڏنا ويا .