My WordPress Blog

لاڙڪاڻو ڊي سي چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، ان جي خاتمي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن،

0

لاڙڪاڻو (  بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي) لاڙڪاڻو 21 ڊسمبر 2023ع ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، ان جي خاتمي واري مهم لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن، ته جيئن پوليو مهم ۾ ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ 08 جنوري کان 14 جنوري 2024 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم بابت ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اوهان جي علائقي ۾ جيڪي به اشوز آهن انهن کي ڪور ڪيو ۽ خاص طور تي مهم دوران پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ مهم دوران جيڪي به مسئلا درپيش اچن انهن کي حل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مهم دوران جيڪي به ٽرانزٽ پوائنٽون آهن انهن تي پوليس ۽ رينجرز جون ڊيوٽيون لڳايون وڃن ۽ ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽ کي بيهاري انهن ۾ موجود ٻارن کي پابنديءَ سان پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن ته جيئن ڪو به ٻار رهجي نه وڃي ۽ ٽارگيٽ کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو وڌيڪ چيو ته گڏجاڻي دوران جيڪي به فيصلا ٿين انهن تي مڪمل طور تي عمل ڪرايو وڃي ته جيئن هيءَ مهم ڪامياب ٿئي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو هدايت ڏيندي چيو ته مهم دوران اسسٽنٽ ڪمشنرز کي متحرق هئڻ گھرجي. گڏجاڻي ۾ صحت کاتي ، مختلف ادارن جي عملدارن  ۽ ٻين واسيطيدار عملدارن شرڪت ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.