My WordPress Blog

شاهپورچاڪر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ طالب الموليٰ پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي

0

شاهپورچاڪر(رپورٽرگلزارملاح)شاهپورچاڪر ڳوٺ الھ بخش ڏاهري ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ طالب الموليٰ پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن شازيہ،پرھ،سائره ڏاهري،شمس الدين،شھزور،ثاقب رضا ۽ ٻين قومي ثقافتي گيتن تي رقص ڪري تقريرن، بيت،شاعري،ٽيبلوز،ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۽ راندين جي مقابلن ۾ حصو ورتو،ثقافتي تقريب ۾ علائقي جي سياسي سماجي علمي ادبي شخصيتن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ثقافتي پروگرام شرڪت ڪندڙن رضا ڏاهري،عامر حسين ڏاهري،فدا حسين ڏاهري ،غلام علي شاه،ساجد صديقي ۽ ٻين چيو تہ تعيلم سان گڏ اسڪولي ٻارڙن کي اهڙن پروگرامن جي پڻ ضرورت آھي جئين اهي پنهنجي ثقافت جي باري۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ۽ انهن جي شعوري سگھ ۾ اضافو ۽ حوصلو ملي ٿو هن اسڪول جي هجڻ سان هتي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آھي،هنن چيو تہ سنڌ ھڪ پراڻي تهذيب آھي جيڪا تمام خوبصورت ۽ مهمانواز آھي طالب الموليٰ پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان اهي ٽيبلوز ۽ تقريرون ڪرايون وينديون آھن جنهن مان سنڌ جي ثقافت اجاڳر ٿئي ۽ اسڪولي ٻارڙن کي ڪا نصيحت يا ڪو سبق ملي،طالب الموليٰ پبلڪ اسڪول ۾ پڙھندڙ اڪثر ٻارڙن جو تعلق تمام غريب گهراڻن سان آھي انهن مسڪينن،هارين ۽ ڪڙمين جي ٻارن هتي اچي ثابت ڪيو تہ جيڪڏھن کين ڪو ڀلو اداري ملي تہ هو بہ پنهنجي صلاحيتن آھر اڳتي وڌي سگهن ٿا،هنن چيو تہ هن اسڪول جي استادن جي محنت آھي جنهن سبب غريب ۽ مسڪين ماڻھن جا ٻار هن بهترين اداري مان علم پرائي رهيا آھن جيڪي اڳتي هلي پنهنجو نالو ضرور روشن ڪندا،پروگرام ۾ طالب الموليٰ پبلڪ اسڪوم جي مڊٽرم امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا

Leave A Reply

Your email address will not be published.