My WordPress Blog

بلوچ يڪجهتي مارچ: اسلام آباد ۾ پوليس جو ڪريڪ ڊائون، لٺبازي، ڪيترائي گرفتار

0

اسلام آباد (م ڊ) گم ٿيل ماڻهن جي وارثن طرفان شروع ڪيل لانگ مارچ ۽ ڌرڻي تي پوليس طرفان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو قاتلو بلوچستان کان اسلام آباد پهتو، جتي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس سامهون اچي وئي، مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن تي انتظاميا جي طرفان ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي اسلام آباد پوليس پنهنجي سوشل ميڊيا ويب سائٽس ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته 26 نمبر چونگي تي مظاهرين طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، ايوب چوڪ تي به مظاهرين جي طرفان پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو ويوبي بي سي موجب بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي ايوب چوڪ تي روڪڻ جي لاءِ پوليس مظاهرين مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو به استعمال ڪيو، جنهن جي ڪري سيڪٽر ايف سڪس ۾ رهندڙ ماڻهن کي به ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو پوليس موجب اڻڄاتل ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ موجود هئا، پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو ويو، مظاهرين تي ڪو به هٿيار استعمال ناهي ڪيو ويو، اهي خبرون ڪوڙيون آهن مظاهرين جو چوڻ هو ته بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي مبينه جعلي مقابلن ۾ مارڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، بالاچ بلوچ تي سي ٽي ڊي جيڪي الزام لڳايا هئا انهن کي واپس ورتو وڃي، بالاچ بلوچ جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي سوشل ميڊيا تي اسلام آباد ۾ بلوچن جي لانگ مارچ تي لٺبازي ۽ گرفتارين تي باهه ٻريل آهي، اسلام آباد پوليس تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته بلوچ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ ماهه رنگ بلوچ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.