اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي گهر تي دستي بم حملي جو ڪيس داخل، ڪيس ۾ دهشتگردي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت سميت سنگين قلم شامل، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته اڻڄاتل ماڻهن جي چرچ تي گرنيڊ سان حملو ڪيو ويو رٽائرڊ ڪانسٽيبل سجاد حسين جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ٿيڻ بعد سي ٽي ڊي اختيارين جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو، سي ٽي ڊي اختيارين موجب واقعي واري هنڌ تان گرنيڊ جا ٽڪرا هٿ ڪيا ويا ڪلوز سرڪٽ فٽيجز جي مدد سان حملي آورن جي سڃاڻپ جون ڪوششون جاري،گذريل ڏينهن لاهور ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي گهر وارَي گيراج تي ڪريڪر سان حملي ۾ سيڪيورٽي تي مقرر 2 پوليس اهلڪار زخمي ۽ گهر جا شيشا ٽٽي پيا هئا، ڌماڪي ۾ ثاقب نثار ۽ سندس گهرڀاتي محفوظ رهيا