My WordPress Blog

ڏهرڪي ۾ اوباش نوجوان پاران دوستي لاءِ تنگ ڪرڻ تان ناري مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

0

ڏهرڪي: (رپوٽر) ڏهرڪي ۾ اوباش نوجوان پاران دوستي لاءِ تنگ ڪرڻ تان نوجوان ناري مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب ڏهرڪي جي 20 ورهين جي نوجوان ناري ساديه ڌيءَ خدابخش سومرو کي اوباش نوجوان حميد چاچڙ پاران دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪرڻ تي ناري ساديه زهريلي دوا پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آپگهات ڪندڙ نوجوان ناري ساديه سومرو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يارخان نيو ويو جتي هو فوت ٿي وئي،  ناري جو لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ياد رهي ته ساديه سومرو اهڙي شڪايت پنهنجي ماءُ سان گڏجي 18 ڊسمبر تي ڏھرڪي ٿاڻي تي پڻ ڏني هئي  جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته مونکي ڏهرڪي جو رهواسي عبدالحميد چاچڙ زبردستي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪري ٿو، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مونکي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. آپگهات ڪندڙ ناري جي امڙ مسمات تاج سومرو صحافين کي ٻڌايو ته  صاديه سومرو حميد چاچڙ پاران مسلسل تنگ ڪرڻ سبب زهر پي آپگهات ڪيو آهي. پوليس جوابدار خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.