اسلام آباد: (م ڊ) ملڪ ۾ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ اڄ کان جمع ٿيندا. اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ گذريل ڏينهن نامزدگي ڪاغذ جاري ڪيا هئا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ مان اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري رهيا آهن. چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار صبح ساڍي 8 وڳي کان شام ساڍي 4 وڳي تائين ڪاغذ حاصل ڪري سگهن ٿا جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو به اڄ کان شروع ٿيندو. اميدوار 20 کان 22 ڊسمبر تائين لاڳاپيل آر او آفيس ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا جنهن کان پوءِ اميدوارن جي شروعاتي فهرست 23 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي. جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 24 کان 30 ڊسمبر تائين ٿيندي. 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا ۽ عام چونڊن جي لاءِ پولنگ 8 فيبروري تي ٿيندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اين اي 194 لاڙڪاڻو مان بلاول ڀٽو زرداري جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا ويا جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي لاءِ 3 تڪن تان نامزدگي ڪاغذ ورتا ويا.