اسلام آباد: (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) اليڪشن ڪميشن کان چونڊ شيڊول ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کان نامزدگي ڪاغذن جي وصولي جا ڏينهن وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو پر اليڪشن ڪميشن شيڊول ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي لاءِ 3 ڏينهن جو وقت رکيو آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ مطالبو ڪيو ته سياسي پارٽين کي چونڊن جي لاءِ قومي ۽ صوبائي سطح تي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ورهائڻيون آهن ان ڪري نامزدگي ڪاغذن جي وصولي لاءِ 3 ڏينهن جو اضافو ڪيو وڃي. خط ۾ جي يو آءِ جي سينيٽر چيو آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني جي وقت کي 8 ڏينهن کان گهٽ ڪري چار ڏينهن ڪري سگهجي ٿو ۽ اسڪروٽني جو وقت گهٽ ڪرڻ سان پولنگ 8 فيبروري تي ڪرائڻ ممڪن هوندي. هن چيو ته جي يو آءِ(ف) کي چونڊن جي تاريخ ۽ ٻئي اليڪشن شيڊول جي مرحلي تي ڪوبه اعتراض نه آهي پر اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 58 جي تحت اليڪشن ڪميشن شيڊول اندر هيٺ مٿانهين ڪري سگهي ٿو. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته نامزدگي ڪاغذن جي وقت ۾ اضافو جي يو آءِ(ف) جي لاءِ بطور سياسي پارٽي اطمينان جوڳو هوندو. نامزدگي ڪاغذن جو وقت وڌائڻ سان سياسي پارٽين کي بهتر اميدوارن جي چونڊ ۾ آساني ٿيندي.