My WordPress Blog

ڀٽو جا قاتل هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا ججز هئا: بلاول ڀٽو

0

لاهور: (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جا قاتل هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا ججز هئا، اڄ کان پوءِ ڪير به وزيراعظم بڻجندو ته ان سان اهڙو سلوڪ نه ڪيو ويندو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جاويد اقبال آڊيٽوريم ۾ پاڪستان جي آئين بنجڻ جي 50 سالن جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيو وڃي ٿو ته عدالت ۾ انصاف جي لاءِ اچبو آهي. پر اڄ تائين لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪرائيم سين جي طور تي ئي ڏٺو  ويندو  آهي. هن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اسان جون 2 مظلوم متاثر نسلون انصاف گهرڻ جي لاءِ اينديون رهيون آهن. هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سمورن جج صاحبان جو ٿورائتو آهيان جو آصف زرداري جي 12 سال اڳ اماڻيل ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي رهي آهي اميد آهي ته ايترا سال گذرڻ باوجود انصاف ملندو. هن چيو ته اهو اڳواڻ جيڪو مسلمانن جي دنيا جو ترجمان هو اهو به لاهور مان هو. انهي سمجهيو ته جيڪو اوهان وٽ تيل آهي اهو نه صرف ڪمائي جو ذريعو  آهي پر وڏي طاقت آهي. فلسطين ۾ اسان جي ڀينرن ڀائرن سان ظلم ٿي رهيو آهي، تڏهن به ظلم ٿيندو هو پر ان وقت اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو هو. انهي فيصلو ڪيو هو ته جيستائين فلسطينين سان ظلم ٿيندو تيستائين اوهان کي تيل نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو چيو ته اسان عدالتن مان اميد رکون ٿا ته ايترا سال گذرڻ کان پوءِ نه صرف قانون موجب غلطي کي صحيح  ڪيو ويندو پر تاريخ کي به صحيح ڪيو ويندو. ججز صاحب به پنهنجي ججز جي رت جا داغ ڌوئيندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت سياست ۾ پولورائزيشن هلي رهي آهي. ڪجهه دير اڳ جڏهن اوهان نعرا لڳائي  رهيا هو ته پٺيان کان پي ٽي آءِ جا نعرا لڳا. اسان سياست کي ذاتي دشمني بنائي ڇڏيو آهي ۽  ان ۾  عمران خان جو ڪردار اهم آهي. پ پ چيئرمين چيو ته مان زبردستي جيئي ڀٽو جا نعرا نه لڳرائيندس بس اهو چاهيان ٿو ته اوهان اهو  تسليم ڪريو ته مان به محب وطن پاڪستاني آهيان مان اوهان جي سياسي اڳواڻ سان اختلاف ڪري سگهان ٿو پر ان جي به مان عزت ڪندو آهيان.

Leave A Reply

Your email address will not be published.