پي ايف يو جي پاران شهيد جان محمد مهر سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٽنڊو مستي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ٽنڊو مستي) رپورٽ عبدالقدير چانڊيو (پي ايف يو جي پاران شهيد جان محمد مهر جي مک قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوڙيل سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سموري سنڌ جيان ٽنڊو مستي ۾ به قلم ڌڻين جو سول سوسائٽي جي ماڻهن سميت شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اخلاق حسين چانڊيو ،نادر علي اڄڻ، صفي ﷲ جتوئي. عبدالرزاق ڪلهوڙو، صدورو خان لاشاري ،وسيم احمد گهمرو، نصير خان لاشاري افضل خان چانڊيو ،۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،احتجاج ڪندڙ صحافين جو چوڻ هو ته شهيد جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل کي چار مهينا گذرڻ باوجود هن وقت تائين سنڌ حڪومت قاتلن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، هن وقت شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سموري سنڌ قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل آهن،، انتظاميه جي مليل دلاسن تي هاڻي اعتبار ناهي رهيو ان ڪري هيئر فقط هڪ ئي اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور تي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن