My WordPress Blog

پنهنجي علائقي جي پهرين ناول نگار ڇوڪري

0

انور ابڙو

سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان ليکڪه فوزيه سنديلو ”هاويه“ ناول لکي جتي سنڌي ٻوليءَ جي ناول نگارن جي فهرست ۾ پاڻ کي شامل ڪيو آهي، اُتي هن پنهنجي علائقي: ڏوڪري- موهن جي دڙي جي ’پهرين ناول نگار ڇوڪري‘ هئڻ جو به اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ان طرح هيءَ اسان جي ڀيڻ، سائين قربان سنديلي صاحب جي نياڻي، ۽ سنڌي ادب کي پنهنجو پهريون تخليقي ڪتاب، ۽ سو به ناول  ڏيئي، سنڌ اديبن جي اتساهه ۽ فخر ڀريي قافلي جو حصو بڻجي ويئي آهي. ائين ئي ته سنڌي ادب ۾ هر دور ۾ ۽ مختلف موڙن تي، نوان تخليقڪار داخل ٿيندا ۽ ان کي اڳتي وٺي هلندا آيا آهن. هيءُ ناول جنهن موضوع تي لکيل آهي، ۽ جن ڳالهين ۽ وستين کي پنهنجي اندر ۾ سمائي ٿو، اُها وسعت فوزيه سنديلو جي ذهني وسعت جو اظهار آهي، ۽ اهو سوچي خوشي ٿئي ٿي ته هِن سنڌي ادب کي هڪ غيرروايتي موضوع تي ناول ڏنو آهي.

ڀيڻ فوزيه هڪ اهڙي گهرَ ۾ ڄائي، جتي علم جي روشنيءَ سان سمورو گهرَ روشن هوندو هو. هڪ روشن خيال، وڏي انسان ۽ وڏي ليکڪ؛ سائين قربان سنديلي صاحب جو اهو گهرُ، هڪ پٺتي پيل ڳوٺ ۾ هئڻ جي باوجود جديد علمي ۽ ادبي رجحانن جي پرورش ڪندو هو. گهرَ جي ٻاهران زيتونن جا باغ، سرسبز زمينون، سبزين جون واڙيون ۽ ڀرسان وهندڙ دادو ڪئنال؛ نيچرل پينٽنگس وانگر هئا، ۽ ان گهرَ جا سڀئي ٻارَ ڄڻ ته ان جا سهڻا رنگ هئا. اِن ڪچي گهرَ مان پَڪن تخليقي سوچن وارا جيڪي به ٻارَ نڪرندا ويا، سي پنهنجي شاندار سڃاڻپ قائم ڪرائيندا ويا: تصوير سنديلو، ڊاڪٽر شاهد سنديلو، نويد سنديلو…. ۽ ٻيا…. ۽ انهن مان، انهن جي هيءَ ڀيڻ- فوزيه سنديلو به پٺتي نه رهي. گُڏين بدران ڪتابن سان راند کيڏڻ لڳي، ڪهاڻيون لکڻ لڳي ۽ والد صاحب جي ادبي ميراث مان مليل پنهنجي حصي کي سنڀالي اڳتي وڌڻ لڳي.

جڏهن قربان سنديلي صاحب پنهنجي هن نياڻيءَ کي اسلام آباد پڙهڻ جي لاءِ موڪليو هئو ته، اهو ڳوٺن تي ’نياڻين جي تعليم مخالف‘ حاوي سوچ کي هڪ وڏو جواب هئو- ۽ جڏهن هيءَ سنڌ جي نياڻي اسلام آباد پهتي ته ملڪ جي ان ڪئپيٽل سٽيءَ جي قائد اعظم يونيورسٽيءَ سندس تخليقي ذهن ۾ موجود انوکن ويچارن کي هڪ وڏي اڏام ڏني. ائين اسان جي هيءَ ذهين ڀيڻ هيءُ ناول لکي ويٺي.

فوزيه جڏهن اڃا ننڍڙي هئي ۽ اسان جي چنيسر ڳوٺ واري گهر ۾ پنهنجي بابا سان گڏ آئي هئي ته، اتان منهنجو، شيخ اياز جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب اهو چئي کڻي ويئي هئي ته،”منهنجي چاچا جو آهي.“ بعد ۾ جڏهن مون کي امان اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته، کِلي پيو هئس، ۽ اها منهنجي خوشيءَ واري کِل هئي، جنهن اهو احساس ڏياريو هو ته، اسان جون هي نياڻيون پڪ سان ’روايت شِڪن‘ ثابت ٿينديون- ۽ ائين ئي ٿيو. هيءُ ناول ان جو هڪ ثبوت آهي. هيءُ ناول جڏهن اسان قسطوار شايع ڪيو هو ته، ان وقت هن جي غيرروايتي ڪهاڻي، شاندار ٻولي، تشبيهن ۽ منظرنگاري کي ڏسي مون کي يقين ٿي ويو هو ته، جيڪڏهن هِن ڀيڻ پنهنجو تخليقي سفر ائين جاري رکيو ته هوءَ سنڌي ادب کي نيون، سٺيون ۽ غيرروايتي ادبي تخليقون ڏيئي وڏي مڃتا ماڻي ويندي. مون کي هميشه اهو ڏسي به بي انتها خوشي ٿيندي آهي ته ڀيڻ فوزيه جا سڀئي ڀائر به پنهنجي هن ڀيڻ جي علم ۽ ادب واري سفر ۾، سندس تمام گهڻا سهڪاري رهيا آهن.

فوزيه سنديلو کي هيءُ ناول لکڻ جي مبارڪ انڪري به هجي جو هن هڪ گهريلو ڇوڪري بڻجي رليون سبڻ ۽ ڪپڙن تي ڀرت ڀرڻ بدران ڪاغذ تي پنهنجي غيرروايتي، ميچوئر ۽ سهڻن خيالن جو ڀرت ڀَريو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.