ناليواري درگاه حضرت مشوري شريف جي گادي نشين الحاج شفيع محمد مشوري رھائش گاھ تي پريس ڪانفرنس ڪري رهيوآهي
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي جي ناليواري درگاھ حضرت مشوري شريف جي گادي نشين الحاج شفيع محمد مشوري پنهنجي رهائشگاھ تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۽ يونين آف جرنلسٽ جي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، نائب صدر ڊاڪٽر بدر شيخ، جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ، جوائنٽ سيڪريٽري ايم يونس ڏيٿو، يونين آف جرنلسٽ جي صدر طارق محمود دراني، جنرل سيڪريٽري منصور ابڙو، سينئر صحافي ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، نديم اختر سومرو، خان راجا مگسي، شاھ محمد لاشاري، ارسلان ڪنڀر، يوسف شيخ، اشفاق سانڊاڻو، نصير محمد کهاوڙ، فتاح اوڍو، غلام نبي چانڊيو، شفيق کهاوڙ، اعجاز چانڊيو، نادر مائري سميت ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي الحاج شفيع محمد مشوري چيو ته تعلقي باقراڻي ۽ ڏوڪري جي پي ايس 12، 13 ۽ اين اي 195 ۾ ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ٿيا، جڏهن ته صفائي سٿرائي جي به صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ درگاھ مشوري شريف ڀرسان سم شاخ جي پل ڪافي سالن کان وٺي تعمير ناهي ٿي سگهي، جنهن ڪري حادثا روز جو معلوم بڻجي ويا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سميت گذريل صوبائي حڪومت عوام لاءِ سڀ سهولتون مهيا ڪيون هيون، پر افسوس جو پي ايس 12، 13 ۽ اين اي 195 جي چونڊيل نمائيندن عوام سان نه ناهي نڀايو، جنهن ڪري عوام سخت تڪليفن سان منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته 35 سالن کان وٺي عوام جي ووٽ جي طاقت سان ايوانن ۾ ويٺل وڏيره پارٽي جي ننڊن ڪارڪنن کي اڳتي اچڻ نه پيا ڏين، جنهن ڪري ڪارڪنن وچ ۾ مايوسي پکيڙيل آهي ۽ پي ايس 12،13 ۽ اين اي 195 جي مختلف علائقن جي حالت انتهائي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ويجهو ايندي ئي ڪجھ برساتي ڏيڏ گوھ مان ٻاهر نڪري ٽران ٽران ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جي يو آءِ سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سامهون اليڪشن ۾ بيهڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو اعلان مولانا فضل الرحمان جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي، پر هنن کي ڪجھ به هٿ نه ايندو. الحاج شفيع محمد مشوري جو چوڻ هيو ته جي ڊي اي ۾ ڇٽل ڪارتون ويٺل آهن، جڏهن ته اڳ ۾ پير سائين پاڳارا بيان ڏنا هئا ته بلاول ڀٽو زرداري اسان جو آهي، پر هن وقت ان جي مخالفت ڇو پئي ڪئي وڃي، جي ڊي اي جو ڪو به مستقبل ناهي. هن چيو ته درگاھ حضرت مشوري شريف، لاڙڪاڻي سنڌ توڙي ملڪ جي وڏي درگاھ آهي، جتي اسان ويهي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ سان گڏ ايندڙ عقيدت مندن جي خدمت ڪندا آهيون، اسان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کان ڏن يا چندو ناهي ورتو، هتي فلاحي ڪم پنهنجي طرفان ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته هن وقت عوام ۾ شعور آهن، عوام پنهنجي مرضي مطابق ووٽ ڪندو، ڇاڪاڻ جو عوام کي خبر آهي ته ڪهڙي جماعت اسان جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پي ايس 12،13 ۽ اين اي 195 شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پنهنجو تڪ آهي، جنهن تڪ تان هن ۽ سندس گهرواري بيگم نصرت ڀٽو ڪيترن ئي چونڊن ۾ حصو ورتو آهي، جنهن لاءِ اسان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اپيل ٿا ڪريون ته هو اچي هنن تڪن تي فارم ڀرائي اليڪشن ۾ حصو وٺن ته جيئن عوام جي بهتري ٿي سگهي.