ميروخان( رپورٽر ) ميروخان جي صوبائي تڪ پي ايس 15 تي ن ليگ ۽ جي يو آئي پاران اميدوارن جا نالا فائنل، پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي اميدوارن بابت اڃان فيصلو نه ٿي سگهيو، ن ليگ پاران مير همايون خان مغيري جي يو آئي طرفان مولانا منير پنهور کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، نامزد اميدوار سڀاڻي نامزدگي فارم وصول ڪندا. خبر موجب : صوبائي تڪ پي ايس 15 ميروخان تي ن ليگ ۽ جي يو آئي پاران اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ان سلسلي ۾ ن ليگ پاران صوبائي تڪ پي ايس 15 ميروخان تي تازو ئي جي ڊي اي ڇڏي ن ليگ ۾ شموليت ڪندڙ مير همايون خان مغيري ۽ جي يو آئي پاران ميروخان تعلقي جي جنرل سيڪريٽري مولانا منير احمد پنهور کي ٽڪيٽ ڏيڻ فيصلو ڪيو ويو آهي رابطو ڪرڻ تي مير همايون خان مغيري ٻڌايو ته ن ليگ جي مرڪزي قيادت جو لاهور ۾ ن ليگ جي سربراه ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ٿيل اجلاس ۾ انٽرويو وٺڻ کان پوءِ پي ايس 15 تي مون کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو چيو ويو آهي مير همايون خان مغيري جو وڌيڪ چوڻ هو ته لاهور کان واپس اچي رهيو آهي سڀاڻي پي ايس 15 تان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪندو ٻي پاسي جمعيت علماء اسلام پاران مولانا منير احمد پنهور کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي مولانا منير احمد پنهور پاران پڻ تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي پاران پي ايس 15 تي اميدوارن بابت اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.