My WordPress Blog

لاڙڪاڻو جمعيت علماءِ اسلام طرفان ديني مدرسن جي مستقبل، مشڪلاتن، امڪانن ۽ حل بابت ورڪشاپ جامعه اسلاميه ڪوٺايو ويو

0

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) جمعيت علماءِ اسلام طرفان ديني مدرسن جي مستقبل، مشڪلاتن، امڪانن ۽ حل بابت ورڪشاپ جامعه اسلاميه لاڙڪاڻو ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ خاص مهمان ڪراچي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر حضرت مولانا ڊاڪٽر محمد اسحاق عالم، جامعه جي مهتمم مولانا ناصر محمود سومرو، نظام تعليمات مولانا ڊاڪٽر محمد علي فاروقي سميت جامعه اسلاميه جي فاضل ڪرامن، درجه تخصيص جي عالمن ۽ درجه دوره حديث جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي خاص مهمان ڪراچي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر حضرت ڊاڪٽر محمد اسحاق عالم، مولانا ناصر محمود سومرو، مولانا ڊاڪٽر محمد علي فاروقي ۽ ٻين چيو ته ملڪ جا معاشي مسئلا پاڪستان جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن، جنهن سبب ملڪ جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، جڏهن ته بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ سياسي بدامني جو هڪ بار بار نظر ايندڙ عنصر آهي پر ان ۾ ملڪ جي حقيقي مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ جي پٺيان ڪيترائي سبب جن ۾ خراب حڪمراني، بي ربط عدالتي نظام، فرسوده قانون، ٽئڪس جو پيچيده نظام ۽ شفافيت جو فقدان شامل آهن. ان سان گڏ غير موثر بيوروڪريسي، قدرتي ۽ پاڻي جي وسيلن جو بيدرديءَ سان استعمال، موثر مقامي حڪمراني جو فقدان، ملڪي منصوبابندي لاءِ ناقابل اعتماد ڊيٽا ۽ حڪومتي کاتن جي پاليسين تي عملدرآمد جي طريقن ۾ مسلسل خاميون ڏسڻ ۾ ملن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون معاشي حالتون ڪجهه سالن ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ غير مستحڪم رهيون آهن جنهن ڪري کاڌي پيتي جي شين، پيٽرول ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ مهانگائي تقريبن 75 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا عام ماڻهن جي لاءِ برداشت جوڳو ناهي ته ٻئي طرف عوام ۾ بيچيني به وڌي وئي آهي ڇاڪاڻ رياستي ادارا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام آهن ۽ ڪيترن ئي مسئلن ڏانهن حڪومت جو ڌيان ئي ناهي ان جو هڪ اهم ڪارڻ خراب انتظاميه ۽ نظام ۾ ڦهليل هٺ ڌرمي آهي، ملڪ ۾ اهڙن سمورن مسئلن جو حل صرف جمعيت علماءِ اسلام وٽ آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.