لاڙڪاڻو جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي اڳواڻن مفتي محمد جان نعيمي ٻين کي صوبائي سطح تي چونڊجي اچڻ تي عوام اهلسنت پاران مبارڪ باد
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي اڳواڻن مفتي محمد جان نعيمي ، سيد ضياءُ الله شاهه جيلاني ، سيد ضمير حسين شاهه جيلاني ، عبدالمجيد اسماعيل نوراني ، مولانا خادم حسين نعيمي ۽ ٻين کي صوبائي سطح تي چونڊجي اچڻ تي عوام اهلسنت پاران مبارڪ باد جا پيغام سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويا، ملڪ جي اڪثريتي وسيع تر پليٽ فارم جماعت اهلسنت سان لاڳاپيل عوام هميشه امن سلامتي جي فصاء قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو آهي، موجوده حالتن ۾ به اهلسنت جماعت جي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ پاران ٿيندڙ چونڊن ۾ چونڊجي آيل صوبائي امير مفتي محمد جان نعيمي ، نائب امير سيد ضياءُ الله شاهه جيلاني ، سيد ضمير حسين شاهه جيلاني ، عبدالمجيد اسماعيل نوراني ، مولانا خادم حسين نعيمي ۽ ٻين چيو ته الله پاڪ جا احسان عظيم آهن جو اسان کي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سنت پاڪ ، عشق رسول اللہ ﷺ جي پيغام عام ڪرڻ سميت نيڪيء جي دعوت کي عام ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي چونڊون ۾ سنڌ جي علماء ڪرام ، مشائخ عظام جي ڀرپور موٽ دلچسپي جو اظهار آهي ، ٻئي طرف لاڙڪاڻو جي علماء ڪرام مشائخ عظام مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي چونڊون ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ اڳواڻن کي مبارڪون ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو ويو آهي . ياد رهي ته مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي چونڊون بعد سوشل ميڊيا تي هر طرف اتر ، لاڙ، ڪاڇي سنڌ سميت پاڪستان ۽ بين الاقوامي طور تي مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي نون چونڊجي آيل اڳواڻن کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون ويون آهن، اهڙي خوشي شادماني بعد عوام اهلسنت وڏي مسرت محسوس ڪري رهيو آهي ته مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جا امير مفتي محمد جان نعيمي هڪ عوامي طاقت جو مظهر بڻجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڪثريتي جماعت اهلسنت جي نمائندگي ڪري رهيا آهن .