My WordPress Blog

شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران نيشنل پريس احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو

0

راڻيپور :(رپورٽ صدام سومرو )راڻيپور شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي صوڀوديرو يونين آف جرنلسٽس پاران نيشنل پريس ڪلب راڻيپور کان قومي شاهراهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو رپورٽ موجب سکر جي سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آهي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي صوڀوديرو يونين آف جرنلسٽس پاران نيشنل پريس ڪلب کان قومي شاهراهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ريلي جي اڳواڻي خيرپور يونين آف جرنلسٽس جي سينئر نائب صدر اڪبر شاھاڻي جنرل سيڪريٽري نويد کھڙو صوڀوديرو يونين آف جرنلسٽس جو صدر قربان علي منگي جنرل سيڪريٽري بلاول سھتو ڪري رهيا هئا ريلي ۾ سڳيون صوڀوديرو هنگورجا راڻيپور جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اڳواڻن چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قتل واري واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.هنن چيو ته جان محمد مهر جو قتل قلم ڌڻين ۽ انسانيت جو قتل، حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ مددگارن کي گرفتار ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.