رتوديرو (رپورٽ پرويز ٻپڙ) رتيديري ۾ عام چونڊن لاءِ نامزدگي فارمن جي وصولي ، پي ايس 10 جي اميدوار لاءِ فارم ورتو ويو : تفصيل موجب 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ نامزدگي فارم وصول ڪرڻ واري شروع ٿيل عمل جي سلسلي ۾ رتوديرو ۾ به نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ رتوديرو جي آر او آفيس پهچي ايڊووڪيٽ منير جلباڻي ۽ ممتاز عارباڻي پي ايس 10 تي پ پ پ عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جو نامزدگي فارم وصول ڪيو ان موقعي تي هنن سان وائيس چيئرمين نديم اختر سومرو ، زاهد جلباڻي ، خالد اوڍو ۽ٻيا پڻ گڏ ھئا اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رتوديرو تعلقي جي باشعور عوام سدائين پ پ پ سان پنهنجو ساٿ نڀائي اهو ظاهر ڪيو آهي ته اهي شهيدن جي پارٽي سان گڏ آهن پ پ پ عوامي پارٽي آهي جنهن عوام لاءِ سدائين پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي پ پ پ اقتدار ۾ هجي ان کان ٻاهر پر اسان جي پارٽي ڪڏهن به غريب عوام جو ساٿ ڪو نه ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان کي هتان جي عوام ۾ ڀرپور اميد آهي ته اهي اڳ جيان هاڻي به عام چونڊن ۾ پ پ پ جي اميدوار کي ڪامياب ڪري اهو واضع ڪندو ته پ پ پ عوامي سمنڊ آهي جنهن کي شڪست ڏيڻ آسان ناهي