ڄامشورو (رپوٽر)سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن استادن جي تنظيم سوٽا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي شاگرد آرٽس فيڪلٽي کان ريلي ڪڍي وائيس چانسلر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن دوران شاگرد اڳواڻن پاران امتحانن جي بائيڪاٽ واري قدم جي مذمت ڪئي وئي شاگرد اڳواڻن چيو ته استادن جي تنظيم پاران امتحانن جو بائيڪاٽ تعليم دشمن قدم آهي، اهڙا قدم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا شاگرد اڳواڻن چيو ته ٻن استادن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي استادن جي تنظيم احتجاج ٿي ڪري، ساڳي ايف آءِ آر ۾ 15 شاگرد به نامزد آهن، اسان ته امتحانن جو بائيڪاٽ نه پيا ڪيون گذريل ڏينهن سوٽا جي سڏ تي ٻن استادن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سوٽا جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي هئي