My WordPress Blog

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن لاءِ بنيادي اهليت جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

0

اسلام آباد: (م ڊ)  اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي لاءِ بنيادي اهليت جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن موجب پارليامينٽ جو ميمبر بنجڻ لاءِ اميدوار پاڪستان جو شهري هجي ۽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تائين اميدوار جي عمر 25 سالن کان گهٽ نه هجي. اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار پاڪستان ۾ به ڪنهن به جڳهه جو ووٽر هجي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار لاڳاپيل صوبي جو اميدوار هجي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ اميدوار جو لاڳاپيل صوبي جو ووٽر هجڻ لازمي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار جي اهليت ۽ نااهليت جا تفصيل آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ لکيل آهن جنرل سيٽن جي اميدوارن جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙ جو لاڳاپيل تڪ جو ووٽر هجڻ لازمي آهي جڏهن ته غير مسلم سيٽن جي اميدوار جو تجويز ۽ تائيد ڪندڙ پاڪستان جي ڪنهن به حصي جو ووٽر ٿي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته چونڊ خرچن بابت هر اميدوار ڪنهن به شيڊول بينڪ ۾ خصوصي اڪائونٽ کولي جيڪڏهن  اڪائونٽ اڳ ئي موجود آهي ته بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل نامزدگي ڪاغذن ۾ لکي. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت بينڪ اسٽيٽمنٽ لڳائڻ لازمي هوندو جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن سان گڏ حلفي بيان اميدوار اسٽامپ پيپر تي تصديق ڪرائي ڏيندو.اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار نامزدگي ڪاغذن سان گڏ پنهنجي گهر واري يا مڙس ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن جا تفصيل لکي. نامزدگي ڪاغذ اميدوار يا ان جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙ طرفان لاڳاپيل شخص جمع ڪرائي سگهي ٿو.اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذن ۾ جيڪڏهن ڪوبه خانو اميدوار کان لاڳاپيل نه هجي ته اتي اين اي لکيو وڃي. اميدوار پنهنجون تازيون تصويرون نامزدگي ڪاغذن تي مخصوص جڳهه تي  لڳائيندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.