سانگهڙ )رپوٽر(سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا سڄي ضلعي ۾ پوليو مهم اثرائتي انداز سان هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻار ملڪ جو مستقبل آهن جن کي هڪ صحتمند مستقبل فراہم ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي. هن اهڙو اظهار سندس آفيس ۾ پوليو مهم جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ضلعي سانگهڙ ۾ پوليو مهم 8 کان 14 جنوري 2024 تائين جاري رهندي جڏهن ته مهم دوران 5 سالن کان گهٽ عمر وارن 4 لک 88 هزار 440 جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ 1327 ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پوليو کان بچائو جي مهم جي نگراني لاءِ موثر انتظام ڪيا وڃن ۽ مائيڪرو پلان تي عمل ڪيو وڃي. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر مسلم فاروق، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سرور راجپوت، تمام اسسٽنٽ ڪمشنرز سميت صحت کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.