My WordPress Blog

پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن بابت فيصلو محفوظ

0

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون ٻيهر ڪرائڻ بابت درخواستن تي اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊن جون سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو، اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي 7 ڊسمبر تي سوال موڪليا، پر اُنهن 8 جواب ڏنا، جنهن بعد پي ٽي آءِ کي وڌيڪ 32 سوال ڏنا ويا آهن پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته ڇا اهڙا سوال اليڪشن ڪميشن ڪنهن ٻِي پارٽي کان به ڪيا؟ ايڏي سخت اسڪروٽني ڪري رهيا آهن چيف اليڪشن ڪمشنر سوالن جي ڪاپي پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته اسان اليڪشن ايڪٽ  ۽ پارٽي آئين جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، چونڊ نشان وٺي اليڪشن وڙهڻ اسان جو آئيني حق آهي پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان چيو ته انٽرا پارٽي اليڪشن جو مسئلو هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان اليڪشن ڪميشن ۾ پيل رهيو، اليڪشن ڪميشن اِن معاملي کي جلد اڪلائي ۽ اسان کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته اسان کي 22 فيبروري کان اڳ اسان کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، پارٽي جي اندروني معاملن سان اڪبر ايس بابر جو ڪو تعلق ناهي، اڪبر ايس بابر پلانٽيڊ شخص آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو ته پوءِ عدليه تي اسان کي ڀروسو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.