My WordPress Blog

پوليو خطرناڪ مرض آهي جنهن کان ٻارڙن کي بچائڻ سڀني جو قومي فرض آهي؛ڊي سي دادو

0

دادو (راجا بشير لنڊ) ڊپٽي ڪمشنر دادوفياض حسين راهوجو   چيو آهي ته پوليو هڪ خطرناڪ موذي مرض آهي جنهن کان ٻارڙن کي بچائڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. هُن ضلعي جي عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي آھي ته هو 8  کان 24 جنوري 2024 تائين هلندڙ مهم دوران پيدائش کان وٺي پنجن سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن کين مستقل معذوري کان بچائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن دربار هال دادو ۾ ايندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر تعلقہ فوڪل پرسنن کي هدايت ڪئي ته مائيڪرو پلان کي ٻيهر چيڪ ڪيو وڃي، ان ۾ ڪا به کوٽ يا ڪوتاھي نه هُجي ۽ 100 سيڪڙو درست ھئڻ گهرجي. هن کين چتاءُ ڏنو ته ڪابه يونين ڪائونسل فيل نه  ٿيڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ ڪا به لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. هُن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته ھو پوليو ٽيمن جي سينٽرن تي وڃي صبح کان دوران فنگر مارڪينگ بابت بريفنگ ڏيڻ کي يقيني بنايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٽرانزٽ پوائنٽس تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته گذريل مهم دوران  پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رھجي ويل ٻارن جي مڪمل ڪوريج کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾  ان موقعي بريفنگ ڏيندي  ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرڊاڪٽرنيازحسين جمالي ۽  ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن  پوليو ڊاڪٽراشفاق احمد ميمڻ  دادوضلعي اندر قومي پوليومهم ۾ دادوضلعي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙن پيارڻ  جوٽارگيٽ  399160 ، يوسي ايم اوز 112 ، ايريا انچارج 276 ، ٽيمون 1075 ، فيڪس سائيڊ 92 ، ٽرازيسٽ پوائنٽ 94 شامل آهن هن لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته گڏيل سهڪار کانسواءُ پوليو جهڙي موذي مرض جو ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي جنهن لاء اسان سڀني جي ذميواري آهي ته هن قومي ڪاز۾ گڏيل ڪردارنڀائي گلڙن جهڙن معصوم ٻارڙن کي موذي مرض کان بچائي سگهون اجلاس ۾  يونيسيف، پي پي ايڇ آءِ، تعليم،  پوليس، لوڪل گورنمينٽ، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.