My WordPress Blog

پاڪستان جي مطالبي بعد افغانستان ۾ ٽي ٽي پي ۽ داعش خلاف ڪريڪ ڊائون

0

افغانستان جي عبوري ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي گرفتاري پهريون ڀيرو تسليم ڪري ورتي افغان حڪومت جي ترجمان موجب گذريل هڪ سال دوران ٽي ٽي پي جا 35 کان 40 دهشتگرد افغانستان مان گرفتار ڪيا ويا افغانستان گهرو وزارت جي ترجمان موجب افغان حڪومت ملڪ مان ڪالعدم داعش جي دهشتگردن کي به وڏي انگ ۾ گرفتار ڪيو آهي افغانستان جي ترجمان موجب افغانستان پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپن جو خواهشمند آهي، افغانستان جي سر زمين ڪنهن به پاڙيسري ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اڄ افغانستان ۾ دهشتگردن جو ڪوبه گروپ فعال ناهي افغانستان گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويندو واضح رهي ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪستان افغانستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.