نوشهروفيروز:-)ايم ظفر تڳر(نوشھرو فيروز شهر مان ڏوهارين جي ور چڙهيل وچ شھر حبيب چونڪ ڀرسان ٽي جو ٽيلر جي دڪان مان رات جي پيٽ ۾ 15 لک روپيا ڪيش بوسڪي جا وڳا ۽ پيو ڪيتروئي قيمتي سامان چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ۽ عام شهري غير محفوظ خبر موجب نوشھرو فيروز ۾ ڏوهارين جو راڄ قائم آهي شهر ۽ آس پاس ۾ ڏوهارين تر تپائي ڏنو آهي روز موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل فون ڦرن جو وارڌاتون معمول بڻيل آهن گذريل رات مشهور ٽي جو ٽيلر جي دوڪان مان 15 لک رپيا ڪيش بوسڪي جا وڳا ۽ ٻيو ڪيتروئي قيمتي سامان چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جڏهن ته شهر جي هر گهٽي ۽ چوراهي تي موبائيل ڦورون ۽ چاٻي چورن جا لامارا آهن پر پوليس ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري هتان جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سخت چتاء ڏيندي چيو ته اگر ڏوهن تي ضابطو نه آيو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو ان موقعي تي داڪاندار ايسوسيئين جي صدر خالد سيفالله۔رفيق احمد پيرزاده ۔وزير وڳڻ ۔اڪرم پيرزاده ۔خليل سھتو چيو ته دڪان جي اڳيان پويان پوليس آ ته پوء چوري ڪيئن ٿي پوليس چورن جي ساٿاري آ ھڪ مھيني اندر سو جي لڳ ڀڳ چوريو ن موٽر سائيڪلون ڦريون انتظاميه اگھور ننڊ جيڪو ايس ايڇ او اچي ٿو ٿاڻي ته چئي پئسا ڏئي پوسٽنگ ورتي آ ڪمائڻو آ چوري ٿئي ٿي ته پوليس جي مينھن ويامي ٿي پئي ڪوڙا سوڙا ماڻو گرفتار ڪري لکين روپيا انھن کان ھاف ڦرائي ۽ ڦل ڦرائي دڙڪا ڏئي ڪمائين ٿا ايس ايڇ شاه صاحب ته ڦورو ٿو لڳين سڄو ڏينھن ايس ايس پي جي مداري ڪري ٿو ايس ايس پي پنھنجو ايس ايڇ او ۽ ھڪ پوليس واري کي کي ايس او مقرر ڪري شھر جي ماڻھن کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيا آھن ڦورن نا اھل انتظاميه ھٽائي شھرين وڌيڪلٽجڻ ۽ ڦرڻ کان بچايو وڃي ۔