My WordPress Blog

نصيرآباد: پوليس شڪيل ڪالوني مان مبينا موبائيل چوري جي الزام هيٺ نوجوان کي گرفتار تشدد ڪرڻ ڇڏي وئي

0

نصيرآباد: پوليس گذريل ڏينهن شام جو شڪيل ڪالوني مان مبينا موبائيل چوري جي الزام هيٺ نوجوان محمد رحيم بروهي کي گرفتار تشدد ڪرڻ بعد گهر ڀرسان مدرسي وٽ ڇڏي وئي، وارثن نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان جي والد جمع خان بروهي چيو ته پوليس اهلڪار اعجاز ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ اهلڪارن شڪيل ڪالوني مان منهنجي پٽ محمد رحيم بروهي کي بيگناهه کنڀي جاني بند پڪٽ وٽ ڪمري ۾ بند ڪري رات جو سخت تشدد ڪري سندس نڪ ۾ چونو وڌو ويو، هن چيو ته پوليس سندس پٽ محمد رحيم کي رات دير سان بيهوشي واري حالت ۾ سينيما چوڪ ڀرسان مدرسي ٻاهران ڇڏي وئي، هن چيو ته منهنجي پٽ جي حالت انتهائي خراب آهي کيس مسلسل جهٽڪا اچي رهيا آهن، جمع خان بروهي آء جي سنڌ ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ کي بيگناھ گرفتار ڪري تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪار اعجاز ٻگهيو ۽ ٻين اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ عدالت ۾ وينداسين.

Leave A Reply

Your email address will not be published.