My WordPress Blog

ميروخان ۾ پيپلزپارٽي سٽي جي ميزباني هيٺ 27 ڊسمبر شهيد راڻي جي ورسي جي حوالي سان گڏجاڻي

0

ميروخان (رپورٽر) ميروخان ۾ پيپلزپارٽي سٽي جي ميزباني هيٺ 27 ڊسمبر شهيد راڻي جي ورسي جي حوالي سان گڏجاڻي، پارٽي اڳواڻن، معزز شخصيتن ۽ ورڪرن جي شرڪت، ڀرپور شرڪت جو اعلان. خبر موجب : ميروخان ۾ پيپلزپارٽي سٽي جي ميزباني هيٺ  27 ڊسمبر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي جي حوالي سان سٽي صدر ڊاڪٽر راجا خان تونيو جي صدارت هيٺ سندس جي رهائشگاهه تي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي عهديدارن ۽ معززين ڊاڪٽر عبدالستار گوپانگ، سعيد ڀٽي، عبدالجبار سومرو، علي دوست بروهي ، مجاهد سومرو ، سرائي برڪت کوکر،منور علي منگي، عزيز تونيو، ڪمال کوکر، عبدالعف9ر سولنگي، عمران تونيو، عرفان علي، وسيم ميمڻ، لالا اقرار تونيو سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو عوامي ليڊر هئي جنهن عوامي خدمت جو ڪردار ادا ڪري پوري دنيا ۾ هڪ بهادر سياسي عورت اڳواڻ طور مڃتا ماڻي هنن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عوامي جي وچ ۾ شهادت ماڻي گڏجاڻي ۾ 27 ڊسمبر بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي ۾ شرڪت لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ميروخان مان سوين گاڏين جي ڪافلي جي صورت ۾ شهيدن جي شهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪبي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.