مورو (رپورٽر) مورو ۾ 3 هفتا اڳ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو مورو ۾ 3 هفتا اڳ گئس جي چلهي مان باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو معصوم نينگري لاريب ڌيءَ وقاص شيخ حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو وارثن موجب ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران بهتر علاج نه ڪرڻ سبب نياڻي دم ڏنو، سندس پٽيون به تبديل نه ڪيون وينديون هيون